SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Protecting Power

(click word to listen sound
  • 🔊
  • prətektiŋ
  • pauər
  • kstouðpauərɔfn
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Protecting Power

پروٽيڪٽنگ پاور

ڀر- جهلي قوت

عام طور تي هي اصطلاح ڪنهن هڪ رياست طرفان ٻيءَ رياست کي تحفظ ڏيڻ جي صلاحيت جي پڌرائي ڪري ٿو. پر سفارتي حوالي سان ان جو استعمال اهڙي صورتحال ۾ ڪتب ايندو آهي، جڏهن ٻه رياستون پاڻ ۾ روايتي سفارتي لاڳاپا نه رکندي به، هڪٻئي سان واسطيداريءَ ۾ رهن. هن صورتحال ۾ ڪابه هڪ رياست ٻيءَ سان سڌا سنوان ناتا نه رکندي، ڪنهن ٽين رياست کي هن طرفان ڪاروهنوار هلائڻ جو اختيار ڏيندي، پنهنجن مفادن جو تحفظ ڪري ٿي. انهيءَ اختيار تحت ڪنهن به بند ڪيل سفارتخاني جي عمارت جي سار سنڀال، ميزبان ملڪ ۾ رهندڙ سندس شهرين سان رابطي، واپاري رابطن بابت معلومات ۽ معاشي مفادن جي تحفظ سميت ، ڪيترائي معاملا شامل ٿي سگهن ٿا. عام طور تي اهڙي صورتحال تڏهن جڙندي آهي، جڏهن علائقائي ٽڪراءُ سبب، ٻه رياستون سندن وچ ۾ قائم سفارتي لاڳا ختم ڪري ڇڏينديون آهن، پر ان جي باوجود پنهنجي وسيع تر مفادن سبب مڪمل لاتعلقي پسند نه ڪنديون آهن. اڄوڪي دور ۾ سويڊن طرفان اُتر ڪوريا ۾ آمريڪي مفادن جي، سئٽزرلئنڊ ۽ پاڪستان طرفان آمريڪا ۾ ايراني مفادن جي ۽ ڪئنيڊا طرفان ڪيوبا ۾ اسرائيلي مفادن جي سار سنڀال ڪئي پئي وڃي. ماضيءَ ۾ به بيشمار ملڪن اهڙيون ذميواريون ادا ڪيون آهن.


Remember Me Also:

سارو جسم اکيون ٿيڻ

سڄو جسم ڦٽجي پوڻ ، بدن تي تيرن جا نشان ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal